احدي جو ڀڙو

احدي جو ڀڙو: هي دڙو ڪلهوڙن جي دور جو آهي ۽ ٽنڊي آدم تعلقي ۾ ديهه احدي، سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري لهاڻي ڍوري جي ڪپ تي آهي. اٽڪل چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي ۽ ٥- ٦ فوٽ اوچائي اٿس. دڙي تي ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن کان سواءِ ٻي ڏسڻ جھڙي ڪابه وٿ مٿاڇري تي نظر نٿي اچي. عوامي روايتن موجب احدي جوڻيجي جو آباد ڪيل شھر آھي، جنھن کي ڪلھوڙن مقرر ڪيو ھو. ھو ظالم طبع ھو ۽ روايت آهي ته سندس تڪرار لطيف سائين سان به ٿيو ھو. دڙي جي کوٽائي ٿيل ڪانه آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو